ٽنڊو آدم (ن پ ا) ڄام بئراج مان نڪرندڙ قبو يگان مائينر جي منڍ ۾ مبينا طور بااثرن پاران پڪي شاخ کي هنڌان  هنڌان ٽوڙي پائيپ لڳائي پاڻي چوري ڪرڻ تي پڇڙي جي متاثر آبادگارن پاڻمرادو ڪارروائي ڪري شاخ جي منڍ ۾ لڳل11 پائيپن کي ڪڍي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس اهي پائيپ بااثرن کي واپس ڪري ڇڏيا آهن، ان ڏس ۾ آبادگارن  غلام حيدر بلوچ، پوڙھو خاصخيلي، گل بيگ رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته پائيپ لڳائي پاڻي چوري ڪرڻ سبب سندن فصل سڪي ٺوٺ ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.