ٽنڊوآدم ( ن پ ا) ٽنڊوآدم جي سوجي مل گرائونڊ ۾ ٽنڊوآدم سپرليگ جو فائنل قريشي ڪنگ ۽ نگاھ لطيف ٽيمن ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ قريشي ڪنگ پهرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 193 رنس ٺاهيون جواب ۾ نگاھ لطيف ٽيم 177 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح سپرليگ جو فائنل قريشي ڪنگ پنهنجي نالي ڪري ورتو، فائنل ميچ ۾ پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي خان، راڻا نديم راجپوت، ايس پي راڻا محمد علي، نور حسن ٻگهيو، اختر ڪلوئي، منظور حسين، فهيم قريشي سميت وڏي انگ ۾ ڪرڪيٽ جي شائقين شرڪت ڪئي، ونر ٽيم جي ڪپتان ثاقب بيگ کي هڪ موٽر سائيڪل، شيلڊ ۽ 10 روڪ رقم ڏني وئي، جڏهن ته رنر ٽيم کي 40 هزار روڪ ۽ ٽرافي ڏني وئي.