ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف آئل فيلڊ اڳيان لڳل ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري، تيل جي رسد بند، مظاهرين پاران ٿريٽس ملڻ جون شڪايتون، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ سچيڏنو ورياھ ۾ واقع نعمت بسال آئل فيلڊ اڳيان سانگھڙ جهول روڊ تي درياءُ بچايو ڪاميٽي ضلعي سانگهڙ جي ڪنوينر سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، حاجي صالح ورياھ، الطاف حسين ملوکاڻي، لياقت چانڊيو، زاهد ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي، پ پ شھيد ڀٽو، آل زميندار، عوام دوست اتحاد سميت علائقي واسين پاران تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري رِٿا خلاف لڳل ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري رهيو، تيل ڪمپني جي داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪرڻ سبب تيل جي رسد بند رهي، ان موقعي تي اڳواڻن مختلف هنڌن تي لڳل پرامن ڌرڻن تي پوليس جي تشدد، فائرنگ، ڳوڙھا گيس ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن سميت لکين جانورن، پکين ۽ آبِي جِيوتَ جي جياپي جو مسئلو آھي، جاگيردار ذاتي مفادن خاطر پ پ سان ٻٽ بڻجي ڌرتي سان غداري ڪري رهيا آھن، هي ڪنهن هڪ جو مسئلو ناهي، هي اجتماعي جياپي جو مسئلو آھي، اسان جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس ڪيمپ تي ڪيترائي ڀيرا چڙھائي ڪئي آھي پر اسان جا حوصلا بلند آھن، هنن چيو ته پوليس چڙھايون ڪري ڊيڄاري ڌرڻا ختم ڪرائڻ چاهي ٿي پر اسان اهڙن حربن ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيو، هي جِياپي جي جَنگ آهي، جيڪا منصوبو رد ڪرائڻ تائين جاري رهندي.