ٽنڊو آدم (ن پ ا) ڪاٽن جنرس تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ واري اعلان بعد پاڪستان ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن پاران 4 ڏينهن به هڙتال جاري رکندي 40 ڪاٽن فيڪٽريون بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن هريش ڪمار ويڌاڻي، مڪيش ڪمار، پريم چند ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪاٽن جنرس تي ٽئڪس جو بم ڪيرائي ڇڏيو آھي، جنهن سبب صنعت تباھ ٿي ويندي، جنهن جو اثر آبادگارن ۽ واپارين تي پوندو، هنن چيو ته وفاقي حڪومت ڪاٽن جنرس کي رليف ڏيڻ بجاءِ نوان ٽئڪس لڳائڻ سميت بجلي ۽ گئس جا اگھه به وڌائي ڇڏيا آھن، جنهن سبب ڪارخانا هلائي نٿا سگهون، مجبور ٿي ڪاٽن فيڪٽرين کي بند ڪري ڦٽي جي خريداري روڪي ڇڏي آهي، هنن وفاقي حڪومت کان  گهر ڪئي ته ڪاٽن جنرس تي لڳايل ٽئڪس واپس ورتا وڃن، ٻئي پاسي آبادگارن عقيل احمد ماڪوڙاڻي، غلام نبي ڪوري ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته برسات سبب هڪ طرف ڦٽي جي تيار فصل کي نقصان پهتو آھي، مٿان وري ڪارخانن خريداري بند ڪري ڇڏي آھي، اگر گهڻو وقت ڦٽي جو وڪرو شروع نه ٿيو ته آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيندو.

ميرپور خاص ۾ ڪاٽن فيڪٽرين تي ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي بابو رميش، سريش ڪُمار ڄيٺاڻي، ڊاڪٽر آسر مل ۽ ھريش  ڪمار جي اڳواڻيءَ ۾ فيڪٽري مالڪن ۽ ڦٽين جي واپارين احتجاجي مظاھرو ڪيو، جنھن ۾ آبادگارن بورڊ پاران عمر ٻگھيو، حاجي ملوڪ راڄڙ ۽ ٻين پڻ يڪجھتي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو تھ ھن ڀيري واپڊا طرفان 500 رپين  بدران 2 ھزار رپيا اضافي چارجنگ لڳائي وئي آھي، جيڪا رقم 9 مھينا فيڪٽريون بند ھئڻ دوران بھ ادا ڪئي ويندي، ساڳيءَ ريت کڙ تي 9 سيڪڙو ٽيڪس، ڪَڪڙن 18 سيڪڙو جي ايس ٽي، ڪَڪَڙن مان نڪرندڙ تيل تي 18 سيڪڙو ٽيڪس مڙھيو ويو آھي، ساڳيءَ ريت ملن تي پڻ 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آھي، جنھن سان فيڪٽريون خرچ وڌي وڃڻ سبب بند ٿي وينديون. ھنن چيو تھ ھنن ھڙتال ڪندي ڦٽيون وٺڻ بند ڪري ڇڏيون آھن. جنرز وڌيڪ چيو تھ اھو ٽيڪس لڳو تھ فيڪٽرين تي آھي پر اھو آبادگارن کي ادا ڪرڻو پوندو ۽ اسان 8 ھزار ريٽ واري فٽي ساڍا 6 ھزار رپين ۾ وٺنداسين، ڇاڪاڻ تھ وڌيڪ ريٽ ڏيڻ سان اسان کي نقصان پھچندو. ھنن چيو تھ اڳ ۾ پاڪستان ۾ 12 سئو ڪاٽن فيڪٽريون ھيون، جن مان  ھاڻ 600 وڃي بچيون آھن ۽ جيڪڏھن ٽيڪس لڳندا رھيا ۽ ايندڙ سال صحيح اگھه  نھ ملڻ ڪري آبادگارن ڦٽي پوکڻ بند ڪئي تھ رھيل فيڪٽريون بھ بند ٿي وينديون ۽ نقصان جيڪو ڦٽيءَ مان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ٿو، اھو نھ ڪمائي سگھندو. ھنن وڌيڪ چيو تھ اڄ کان ڪجھ سال اڳ پاڪستان ۾ ھڪ ڪروڙ 40 ڦٽين جون ڳٺڙيون لھنديون ھيون ۽ ھاڻ رڳو 70 لک ڳٺڙيون ھر سال نڪرن ٿيون، ان باوجود حڪومت بجاءِ ڦٽيءَ جي فصل کي ھٿي وٺرائڻ جي نقصان پھچائي رھي آھي. ھنن چيو تھ جيستائين حڪومت ٽيڪس ختم نھ ڪندي، ان وقت تائين فيڪٽريون بند رکيون وينديون. ان موقعي تي آبادگارن اڳواڻن عمر ٻگھئي چيو تھ جڏھن بجيٽ پيش ٿئي ٿي تھ ان جي اسان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي خبر ئي نھ ٿي پوي ۽ خود اڃا تائين آبادگارن کي ان بابت ڪا خبر ناھي. ھنن چيو تھ اسان ڪاٽن جنرز سان يڪجھتي طور شريڪ ٿيا آھيون، باقي پنھنجو اجلاس سڏائي آئندھ لاءِ لائح عمل جوڙينداسين. ھن چيو تھ ميرپورخاص ۾ ڦٽيون لھي چڪيون آھن  پر ڪير بھ وٺڻ لاءِ تيار ناھي، آبادگارن کي اڳ ئي سنڌ حڪومت طرفان باردانو نھ مليو، ان ڪري بھ آبادگارن کي نقصان ٿيو ۽ ھاڻ ڦٽيون نھ پيون ورتيون وڃن.