ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم جي عدالت ڌرڻي، هنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي مري برادري جي 29 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب سول جج وقاص قريشي جي عدالت ڌرڻي، هنگامي، ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڪيس جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي مري برادري سان تعلق رکندڙ 29 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو، واضع رهي ته ٽنڊو آدم سٽي پوليس پاران 7 مهينا اڳ مري برادري جي 50 ڳوٺاڻن تي دهشتگردي سميت روڊ بلاڪ ڪري هنگامو ڪرڻ، پوليس کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ وارو ڪيس داخل ڪري واحد، ڊاڪٽر غازي، پائند، وشال، لطيف، مختيار، رضا محمد، مصطفيٰ، ريحان، حامد، مولا بخش، داد محمد، حاجي رمضان سميت 29 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.