ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ معصوم ٻالڪ فوت، ڊرائيور فرار، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ڀرسان کنڊو روڊ تي ڳوٺ مٺو کوسو وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب 7 ورهين جو تنو پٽ ارجڻ زخمي ٿي پيو، موقعي تي موجود ماڻھن زخمي ٻالڪ کي تعلقي اسپتال آندو، جتي ٻالڪ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي بعد ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو، ٻالڪ جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.