ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ سچيڏنو ورياھ ۾ واقع نعمت بسال آئل فيلڊ اڳيان سانگھڙ جهول روڊ تي درياءُ بچايو ڪاميٽي ضلعي سانگهڙ جي ڪنوينر سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، حاجي صالح ورياھ، الطاف حسين ملوکاڻي، لياقت چانڊيو، زاهد ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ پ پ شھيد ڀٽو، ايس يو پي، آل زميندار عوام دوست اتحاد سميت علائقي واسين پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا خلاف لڳل ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو، تيل ڪمپني جي داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪري تيل جي رَسَد کي بند ڪيو ويو، جنهن سبب تيل ڪمپني ۾ داخل ٿيندڙ ۽ نڪرندڙ ٽينڪرن، ٽرالرن ۽ ٻين گاڏين جي آمدرفت معطل ٿي وئي، هوڏانهن ڌرڻي ۾ مظاهرين پاران پاڻي تي ڌاڙو نامنظور ڪئنال سمورا نامنظور جي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن احتجاج ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ کي سُڪَائِڻ جي سَازش آھي، پنجاب کي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌو درياءُ اسان جو جِياپو آھي رستو کولڻ لاءِ پوليس ۽ بااثرن پاران دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر تڪراري ڪئنال منصوبو ختم ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو ۽ تيل جي رسد به بند رهندي.