ٽنڊو آدم (ن پ ا) ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل ٽنڊي آدم واسي 3 پورهيت بازياب نه ٿيا، بااثر جي ٽياڪڙي بعد ڌاڙيلن ڀنگ جي رقم گهٽ ڪري 50 لک روپيا ڪئي، رپورٽ موجب 2 هفتا اڳ ڪشمور سستي ڊاٽسن خريد ڪرڻ لاءِ ويل ٽنڊو آدم واسي مستري نظير ڪشميري، سندس ڀيڻويو انور ڪشميري ۽ شاگرد اسلم شاھ کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو، جيڪي اڃا تائين بازياب ناهن ٿي سگهيا، ڌاڙيلن مغوين تي تشدد ڪري سندن دانهون فون تي مائٽن کي ٻڌرايون ۽ ڀنگ نه ڏيڻ تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد سندن گهرن ۾ ماتم متل آھي، ڌاڙيلن ٽنهي مغوين جي بازيابي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ طلب ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ذريعن موجب بااثر جي ٽياڪڙي ۾ ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن بعد ڌاڙيلن ڀنگ جي رقم ڏيڍ ڪروڙ مان گهٽائي 50 لک روپيا ڪئي آهي.