ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ۾ سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيڻ تان ڦاهو کائي آپگهات ڪندڙ نينگري سان جنسي ڏاڍائي ٿيڻ جو انڪشاف، ابتدائي رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ ڪرنگهي جي هڏي ٽٽل ڄاڻايو ويو، الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪندڙ 13 ورهين جي شاگردياڻي عروج ڪشميري سان ڏاڍائي ٿيڻ ۽ ڪرنگهي جي هڏي ٽٽل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، رابطو ڪرڻ تي تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فضل محمود شاهه تصديق ڪندي ٻڌايو ته نينگري سان جنسي ڏاڍائي ٿيل آهي، جزا وٺي ليبارٽري موڪليا آهن، جتان رپورٽ اچڻ کانپوءِ صحيح پتو پئجي سگهندو، هن ٻڌايو ته نينگري جي موت جو ڪارڻ ڦاهو کائڻ نه پيو لڳي، هن جي ڪرنگهي جي هڏي ٽٽل آهي، جنهن سان سندس موت واقع ٿيو آهي، جنهن ڪري شڪ پون ٿا، هوڏانهن بي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري الزام هيٺ آيل جوابدار محراب کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊي ايس پي ڊاڪٽر محمد موسيٰ ابڙو ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، جاچ دوران اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته نينگري ۽ جوابدار ۾ تعلقات هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، نينگري عروج جي والد جهانگير ڪشميري ۽ امڙ سونيا ڪشميري جو چوڻ آهي ته جوابدار محراب کوسو اسان جي نياڻي کي تنگ ڪندو رهندو هو، جنهن سبب هو ذهني اذيت ۾ مبتلا هئي، هنن ٻڌايو ته اسان انتهائي غربت واري زندگي پيا گذاريون، اسان وٽ پوليس ۽ وڪيلن جا خرچ ڀرڻ لاءِ پئسا ناهن.