ٽنڊو آدم ( ن پ ا ) ٽنڊو آدم ۾ 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جون سرگرميون تيز ٿي ويون آھن مختلف پارٽين پاران ريلين ۽ ڪارنر گڏجاڻين جا پروگرام زور شور سان جاري آھن ۽ پنهنجن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاء مخالف اميدوارن کي ريٽائرڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ۔ ٽنڊو آدم ميونسپل ڪاميٽي جي 23 وارڊن مان 3 وارڊن تي پ پ جوڻيجو گروپ جا 3 ڪائونسلر عامر جوڻيجو ، مظھر جوڻيجو ۽ ملڪ ذوالفقار علي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن جنهن بعد هاڻي ميونسپل ڪاميٽي جي 20 وارڊن تي اليڪشن جو دنگل ٿيندو ۔ هڪ طرف پ پ مڪاني چونڊن ۾ پ پ مخالف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن سان مقابلي ۾ لٿل آھي پ پ قيادت پاران ٽنڊو آدم ۾ پ پ جي ٽن اهم ڌڙن جوڻيجو ، ڏيرو ۽ شوقين گروپ ۾ ڪنهن ٽڪراء کان بچڻ لاء ٽنهي گروپن کي سندن کٽيل وارڊ ڏئي مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو هو پر پ پ جي ٻن پراڻن سياسي مخالف جوڻيجو گروپ ۽ ڏيرا گروپ ۾ اختلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ٿي پيا آھن ۔ ميونسپل ڪميٽي جي 20 وارڊن ۾ ڏيرا گروپ ۽ شوقين گروپ جا 8،8 وارڊن ۽ جوڻيجو گروپ جا 4 وارڊن تي اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن ۔ ذريعن موجب ڏيرا گروپ ۽ شوقين گروپ پاران پنهنجن حامين کان جوڻيجو گروپ جي بيٺل اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻايو ويو هو جنهن جو فائدو جوڻيجو گروپ کي پهتو پر ڏيرا گروپ جوڻيجو گروپ تي الزام لڳايو آهي ته جوڻيجن پاران پنهنجن حامين کي اسان جي وارڊن ۾ هٿ نه کڻايو ويو آھي ۔ ٻنهي گروپن ۾ تڪرار تڏهن واضع ظاهر ٿي پيو جڏهن گذريل رات وارڊ نمبر 20 تي بيٺل پ پ ڏيرو گروپ جي اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير، ايم پي اي فراز ڏيرو جي ويجهي ساٿي عامر حسين خاصخيلي جي حمايت ۾ منعقد ٿيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ پ پ جي اڳوڻي سينيٽر فدا حسين ڏيرو جي پٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون پارس ڏيرو خطاب دوران اتي موجود جوڻيجو گروپ جي اهم اڳواڻ غلام مرتضي جوڻيجو جي موجودگي ۾ جوڻيجن تي تنقيد ڪندي چيو ته جوڻيجو گروپ جي اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي ۾ ڏيرا گروپ جو وڏو هٿ آھي پر اسان سان وفا نه پئي ڪئي وڃي ۔ هن چيو ته جيڪي عامر حسين خاصخيلي کي هارائڻ جا خواب پيا ڏسن اهي چڪنا چور ٿي ويندا ۔ ڪنهن کي مقابلو ڪرڻو آھي ته سامهون اچي مقابلو ڪري ۔ هن چيو ته 26 جون تي پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.