ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم پوليس جو اهلڪار منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل، 4 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، رپورٽ موجب منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام هيٺ بي سيڪشن ٿاڻي جي ڪانسٽبل مدد علي خاصخيلي کي معطل ڪري سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي، پوليس ذريعن موجب گرفتار ٿيل منشيات فروشن پاران منشيات وڪري ۾ سرپرستي ۽ مدد ڪرڻ واري نشاندهي بعد پوليس اهلڪار خلاف اهڙي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪري 3 منشيات فروشن نزاڪت خاصخيلي، معشوق خاصخيلي ۽ علي گل عرف بابو خاصخيلي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.