ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ساند ۽ ڊومڪي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ مامرو، ساند برادري پاران 25 کان مٿي برادرين جو ڪٺ، ڳالهين وسيلي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ويجهو مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ موريو ساند ۾ ساند برادري جي ماڻھن تي زميندار سڪندر ڊومڪي جي ماڻھن پاران فائرنگ ڪرڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آھي ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن، ان سلسلي ۾ ساند برادري جو ڳوٺ موريو ساند ۾ حاجي جعفر ساند ۽ حاجي رمضان ساند جي ميزباني هيٺ ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ساند، پير، ٿيٻا، درس، مگسي، سيد، خاصخيلي، حاجاڻا، مري، باريچا، چنڊ، سهتا، ڪوري برادري سميت 25 کان مٿي برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪٺ ۾ شامل چڱن مڙسن پاران زميندار سڪندر ڊومڪي ڌر پاران ساند براري جي ماڻھن تي ڪيل فائرنگ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي مذمت ڪندي چيو ويو ته ٻاهر جا ماڻھون هتي اچي زمينون خريد ڪري امن و امان جي صورتحال خراب ڪري رهيا آھن، اسان امن پسند ۽ پرامن ماڻھو آھيون مسئلن جو حل قانوني ۽ راڄوڻي فيصلي سان ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان مخالف ڌر کي به امن جو پيغام ڏيڻ  چاهيون ٿا ڪو به تڪرار نٿا چاهيون، ڪٺ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاھ ڪرائڻ لاءِ غير جانبدار ڌر وٽ فيصلو ڪرايو وڃي.