ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم مان دعوت کائي ڳوٺ ويندڙن سان حادثو، نوجوان فوت، ٻيو زخمي، رپورٽ موجب ڳوٺ علي محمد قمبراڻي ويندڙ 2 ڳوٺاڻن محمد صالح قمبراڻي ۽ علي حسن قمبراڻي سان جهول روڊ تي ڀوڀر شاخ وٽ حادثو پيش آيو، تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٿڌ سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٻئي ڄڻا کاهي ۾ پيل رهيا، جنهن دوران نوجوان محمد صالح قمبراڻي فوت ٿي ويو، بعد ۾ اتان گذرندڙ ڳوٺاڻن زخمي ۽ نوجوان جو لاش نجي اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا ٽنڊي آدم مان دعوت کائي واپس ڳوٺ علي محمد قمبراڻي وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو.