سانگهڙ/ٽنڊو آدم(نمائندن وٽان) ٽنڊو آدم ويجهو بگٽي ۽ عمراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 46 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ عمراڻي ۽ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 5 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ عمراڻي برادري جي چڱ مڙس سخي شاهنواز عمراڻي، بابو امين عمراڻي ۽ بگٽي برادري جي معززن شرڪت ڪئي، فيصلي ۾ في خون بها طور 80 لک، جڏهن ته في زخمي مرد تي هڪ لک ۽ زخمي عورت جو ڏنڊ 2 لک رپيا رکيو ويو، فيصلي ۾ بهادر بگٽي جو عمراڻي ڌر پاران ڪيس ۾ غلط نالو شامل ڪرڻ تي 10 لک ڏنڊ عمراڻي برادري تي رکيو ويو، جيڪا عمراڻي ڌر بهادر بگٽي کي ادا ڪندي، عمراڻي برادري جا ڪجھه ماڻھو جيل ۾ آھن، بگٽي ڌر اهو معاف ڪندي ته جيئن عمراڻي برادري جا سزائون ڪاٽيندڙ آزاد ٿي سگهن، امينن پاران ڪيل فيصلي جي فتويٰ ۾ ٻڌايو ته بگٽي برادري تي مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 54 لک رپيا ڏنڊ پيو، جڏهن ته عمراڻي برادري جي مٿان 2 خونن، بهادر بگٽي جو غلط نالو ڪيس ۾ ڏيڻ ۽ 2 زخمين جو مجموعي ڏنڊ 92 لک رپيا رکيو ويو، ٻئي ڌريون ڏنڊ جي رقم 6 مهينن اندر هڪٻئي کي ادا ڪنديون، جڏهن ته مقتول عورت جي قصاص جي رقم صغير ٻارن جي لاءِ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي، واضع رهي ته ٻنهي ڌرين جا جهيڙي ۾ هڪ عورت سميت پنج ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.