ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم جهول روڊ تي انتظاميا پاران قائم ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ برسات متاثر سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، ان ڏس ۾ متاثرن جو چوڻ آهي ته ٽينٽ سٽي ۾ پنهنجي  ٻارڙن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، هنن چيو ته رڳو هڪ ويلو شام جو برياني مهيا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ناشتو ۽ منجهند جي ماني نٿي ڏني وڃي، جنهن ڪري خاص طور ٻارڙا سخت پريشان ٿين ٿا ۽ اهي بک وگهي دانهون ڪن ٿا، هنن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ عورتن لاءِ ڪو به واش روم نه آھي، جڏهن ته پيئڻ توڙي ٻين ضرورتن لاءِ پاڻي به مهيا نه پيو ڪيو وڃي، هنن چيو ته عورتون ۽ ٻارڙا هڪ ڪلو ميٽر پري کان پاڻي ڀري اچن ٿا، مڇرن جي آزار سبب عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، جن جي علاج جو ڪو به بندوبست ناهي، هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي واهر ڪرڻ جي گهر ڪئي،