ٽنڊو آدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم ويجهو هائير سيڪنڊري اسڪول جون تعليم کاتي پاران 21 تدريسي پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون، 2200 شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءَ تي لڳل، ڳوٺاڻن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ باقر خان نظاماڻي ۾ واقع گورنمينٽ لعل ڏنو هائير سيڪنڊري اسڪول جون تعليم کاتي جي اختيارين هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري 21 تدريسي پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون آھن، ختم ڪيل پوسٽن ۾ 10 سبجيڪٽ اسپيشلسٽس، 5 ايچ ايس ٽيز، 3 جي ايس ٽيز، هڪ او ٽي، هڪ ڊي ٽي ۽ هڪ پي ٽي شامل آھن، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳوٺ جي معزز ممتاز نظاماڻي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اهي پوسٽون هن اسڪول لاءِ منظور ڪيون ويون پر افسوس هر سال بجيٽ اچڻ کان اڳ ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري اهي ختم ڪيون وڃن ٿيون، هن ٻڌايو ته اهو عمل توهين عدالت آھي، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن تعليم کاتي پاران ختم ڪيل 21 پوسٽون بحال نه ڪيون ته 2200 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مستقبل بچائڻ لاءِ ملوث عملدارن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين، ان حوالي سان تعليم کاتي کي لکت ۾ پڻ درخواست ڏني آھي، هن چيو ته سياسي بنيادن تي انتقامي ڪارروايون ڪري تدريسي عمل کي نقصان پهچايو پيو وڃي.