ٽنڊوڄام(ن پ ا) زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ڪالوني جي نوجوانن پاران فلسطين جي حق ۾ ريلي، اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي به ڪئي وئي، ان موقعي تي نوجوان حفيظ مگسي، شهيب راجپر، راحيل ٻٻر سميت ٻين سوين جي تعداد ۾ نوجوانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نوجوانن چيو ته اسرائيل حڪومت ۽ آمريڪا حڪمتن جي سازش آهي، مسلمانن کي روزانو جي بنياد تي قتل ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته پاڪستان ۾ اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪري اهو ٻڌايون ته اسان کي توهان ۽ توهان جي پروڊڪٽ جي ضرورت نه بلڪي ڪروڙين مسلمانن جي ڳڻتي آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني کي گهرجي ته اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسرائيل سموري دنيا اندر مسلم ملڪن اندر مسلمان حڪمرانن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو،پر اها ان جي ڀل آهي اهو فلسطين تي حڪمراني ڪرڻ کان پهرين آمريڪا مان سبق سکي ته ان جو افغانستان ۽ ڪهڙو حشر ٿيو آهي، هنن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مسلمانن جي مدد ڪئي وڃي.