ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ حاجي الهڏنو جمالي ۾ جمالي برادري پاران رمضان ۾ شروع ٿيل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو، سچل ڪلب زرعي ورسٽي بغير وڪيٽ جي نقصان تي فائنل ميچ کٽي ورتو، جشن، خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ الهڏنو جمالي ۾ جمالي برادري پاران رمضان جي مهيني کان شروع ڪيل نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ مصري شاهه امام ٽيم ۽ سچل ڪلب زرعي يونيورسٽي جي ٽيم وچ ۾ بهترين مقابلو ٿيو، فائنل ۾ سچل ڪلب پاران ٽاس کٽي پهرين فلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جڏھن ته مصري شاهه ٽيم پاران پهرين بيٽنگ ڪندي سچل ڪلب کي 106 اسڪور جو حدف ڏنو، جڏھن ته سچل ڪلب پاران جوابي بيٽنگ ڪندي، بغير وڪيٽ جي نقصان تي 8 اور جي ٻن بالن تي 106 جو حدف مڪمل ڪيو، سچل ڪلب جي عادل دستي پاران 75 رنس ٺاهي سچل ڪلب جو مين آف دي ميچ رهيو ،جڏھن ته سچل ڪلب کي ڪيش رقم، ٽرافي، شرٽ سان نوازيو ويو، جڏھن ته هارجي ويل مصري شاهه امام ٽيم کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش رقم سان نوازيو ويو، هڪ مهيني کان هلندڙ نائٽ ٽورنامينٽ جا آرگنائزر ديدار حسين جمالي، آزاد جمالي، آصف جمالي کي به سندس مڃتا لاءِ مهمانن توڙي شهرين به ٽرافي ۽ انعامن سان پڻ نوازيو ويو، ميچ ۾ ڪامياب ٽيم سچل ڪلب پاران جشن ملهايو ويو، ٽورنامينٽ ۾ ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي جي 60 جي لڳ ڀڳ ٽيمن حصو ورتو، جڏھن ته نائٽ ٽورنامينٽ جا مهمان  حاجي شمن جمالي، محمد ايوب مگسي، محمد حنيف جمالي، محمد افضل مگسي هئا، جن رانديگرن ۾ انعام ورهايا.