ٽنڊومستي(ن پ ا) ٽنڊومستي ڀرسان ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد نارو ڍورو اسٽاپ تي ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ منشي حسين بخش پنجابي واسي 10 سالا نينگر امجد گوپانگ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پيءُ حنيف گوپانگ سخت زخمي ٿي پيو، حد جي پوليس پهچي فوتي نينگر جو لاش ۽ زخمي کي ايمبولينس ذريعي خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.