ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستيءَ ويجهو  ڪبوترن جي شوق کان روڪڻ تي نينگر وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. ٽنڊو مستيءَ ويجهو ڳوٺ غوث بخش چانڊيو ۾ 13 سالن جي نينگر انصاف علي پٽ نواب علي چانڊيو پيءُ پاران ڪبوترن جي شوق کان روڪڻ تي ٽالهيءَ جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. ٽنڊو مستي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منقتل ڪيو، جتان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ فوتي نينگر جي چاچي رانجھن چانڊئي ٻڌايو ته نينگر کي سندس والد ڪبوترن جو شوق ڪرڻ کان روڪيو، جنهن تان هن ناراض ٿي ڦاهو کائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. نينگر جي اوچتي لاڏاڻي تي گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو.