ٽنڊومحمد خان (رپورٽر) ٽنڊومحمد خان شهر جي اندر برسات جي وسڪاري کانپوءِ شهري علائقي جا روڊ رستا، رهائشي علائقن جون گهٽيون برسات جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هڪ فوٽ کان ٻن فوٽن تائين برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو، شهر جي مشترڪه ڪالوني، شوڪت ڪالوني، سومرا پاڙي، بهراڻي پاڙي، نصيرآباد پاڙي، ٽالپر ڪالوني، پيپلز ڪالوني ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو،شهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.