ٽنڊوجان محمد(ن پ ا( ٽنڊوجان محمد جي علي ڪٻاڙي خلاف خان شاهه ڪالوني جي رهواسين لال ڀيل، پنھون ڀيل، ملوڪان ۽ پٺاڻ ڀيل جي اڳواڻي ۾ ڀيل برادري احتجاج ڪيو، ان موقعي سندس چوڻ ھو ته علي ڪٻاڙي اسان تي دڪان مان وارن جو ڀريل ڪٽو چوري ڪرڻ جو الزام ھڻي گهر تي هلان ڪري اسانکي هراسان ڪيو آهي. ڀيل برادري جي عورتن جو چوڻ هو ڄاڻايل ڪٻاڙي اڳ به شهر جي 4 ماڻهن کي به گرفتار ڪرايو هو جيڪي بيگناهه نڪتا، ھاڻ علي ڪٻاڙي اسان کي هراسان ڪري رھيو آھي، عورتن سان بدتميزي ڪري ٿو ، ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان غريبن جي جان ڇڏائي وڃي ۽ قانوني تحفظ فراھم ڪيو وڃي.