ٽنڊوجان محمد(ن پ ا) ٽنڊوجان محمد جي وارڊ 8 ۾پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين غلام محمد خاصخيلي، آصف کٽي، نبيل قائمخاني، شاھد کٽي، مصطفيٰ جٽ ۽ ٻين مير خدابخش ڪالوني کان مھراڻ ھوٽل چوڪ تائين ريلي ڪڍي ٽائون ڪاميٽي آفيس آڏو مين روڊ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ڌرڻي سبب ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي شهرين جو چوڻ ھو ته چيئرمين قاضي نور محمد ساند پنھنجي ھڪ ڪائونسلر شھزاد آرائين کي خوش ڪرڻ لاءِ فرمائشي پروگرام تحت مير خدابخش ڪالوني ۾ وال سسٽم لڳرائي سوين گھرن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، ڪائونسلر گل محمد پٺاڻ احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري سومر تائين مسئلو حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني بعد احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.