ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ڀرسان 170 لنڪ سم نالي کي لڳل 30 فٽ مان 80 فٽ ٿي ويو، 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود گھارو بند نه ٿي سگھيو، ايريگيشن ۽ ايل بي او ڊي عملدار نه پهتا، پاڻي تيزي سان ڳوٺن جي آبادي ڏانھن وڌڻ لڳو، جڏهن ته ڳوٺ عثمان کوسو مان رهواسين لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي، ڳوٺاڻن موجب، 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبپاشي ۽ ايل بي او ڊي وارا نه پهتا آهن، فصل تباھه ٿي ويا، ھاڻي گھر بچائڻ ڏکيا ٿي رهيا آهن، نوٽيس ورتو وڃي