ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊي باگي شھر جي وارڊ نمبر 4 جي ڳوٺ آچار  ڪاتيار مان ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڳوٺاڻن ڪائونسلر غلام رسول ڪاتيار، غلام مصطفيٰ، وڪيو، علي محمد ڪاتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ڳوٺاڻن چيو ته برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪيو وڃي هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين پاڻي نيڪال نه ڪيو ويندو، پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين .