ٽنڊوالهيار(رپورٽر ) ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بڪيرا شريف باءِ مگسي پارڪ ويجهو ريتي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ عرض محمد پتافي جو رهواسي 35 سالا عاشق پنهور موقعي تي فوت ٿي ويو، بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻي پاسي بي سيڪشن پوليس ٽريڪٽرٽرالي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.