ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين ثمر حسن شاهه رضوي طرفان محرم الحرام جي انتظامن جي حوالي سان شهر جي مختلف امام بارگاهن ۽ جلوسن جي روٽن جو دورو ڪري صفائي سٿرائي سميت ٻين انتظامن جو جائزو ورتو، جڏهن ته ايم سي چيئرمين درگاهه سخي موج دريا تي قافلا سالار سيد زاهد حسين شاهه رضوي ۽ انجمن سفينه حيدري امام بارگاهه تي قافلا سالار امداد حسين حيدري ۽ مصدق نياز حيدري سان ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ثمر حسن شاهه رضوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ميونسپل ڪاميٽي طرفان ماتمي جلوسن جي گذر گاهن تي لائيٽنگ . صفائي سٿرائي رکڻ سان گڏ بجلي وڃڻ جي صورت ۾ هيوي جرنيٽر پڻ لڳايو ويندو ته جيئن محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ عزادارن کي ڪا به تڪليف نه پهچي هن وڌيڪ چيو شهر ۾ جلوسن جي گذرگاهن تي موجود حددخلين کي پڻ هٽايو ويو آهي، اسان جو عملو ماتمي جلوسن سان گڏ هوندو ۽ انشاءالله خير خيريت سان محرم الحرام جا ڏهاڙا گذري ويندا.