ٽنڊوالهيار(رپورٽر ) ٽنڊوالهيار جي چمبڙ ناڪي تي رولو ڪتي ٻارن سميت 18ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ 11 سالا انس، 20 سالا نعمان، 30 سالا سونا، 18 سالا عبدالله، 12 سالا محمد ايحان، 10سالا مهيش، 11 سالا فرقان سميت سوهانا، اسرار، ڌرمون، لڇمي، محمد حسين، حسيب، انس، دليپ ۽ ديپڪ ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو ويو جتي طبي امداد ڏني وئي، هڪ ئي ڪتي پاران 18 ڄڻن کي ڏاڙهڻ سبب شهر ۾ خوف جي لهر پکڙيل آهي، جڏهن شهرين مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور شهر اندر ڪتامار مهم هلائي وڃي ته جئين رولو ڪتن جو آزار گهٽجي سگهي ڪتن جي خوف سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙا به سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن .