ٽنڊوالهيار ويجهو ڪالرو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل

0
222

ٽنڊوالهيار(ن پ ا) ٽنڊوالهيار ويجهو ڪالرو ۾ ڪالرو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڳوٺ مستي ڪالرو ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، لٺيون لڳڻ سبب 50 سالا اسحاق ڪالرو ٿڏي تي مارجي ويو، اطلاع تي واقعي واري جڳهه تي اي سيڪشن پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو آهي، وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.