ٽنڊوالهيار: سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جسٽس ريٽائرڊ محمد موسيٰ خان لغاري لاڏاڻو ڪري ويو!

0
67

ٽنڊوالهيار: سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جسٽس ريٽائرڊ محمد موسيٰ خان لغاري لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ڌڱاڻو بوزدار ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين جي علاوھ وڪيل تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مرحوم جسٽس موسيٰ لغاري 1980 کان وڪالت جي شعبي کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي 2000 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بڻيو ۽ 2007 ۾ سپريم ڪورٽ جو جسٽس بڻيو، جنهن بعد ريٽائر ٿيو.