ٽنڊو الهيار( رپورٽر) ٽنڊي الهيار جي واپارين ڊي سي ۽ ضلعي انتظاميا خلاف 3 ڏينهن هڙتال جو سڏ ڏيئي ڇڏيو آهي جڏهت نه ڊي سي ٽنڊوالهيار سڏ ڏيندڙ واپارين کي مخصوص ٽولو قرار ڏنو آهي. ان ڏس ۾ واپارين پاران 18، 19 ۽ 20 مارڇ تي شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. انجمن تاجران پاران ضلعي انتظاميا جي زيادتين خلاف واپارين جو اجلاس وقار ميمڻ جي صدارت ۾ رات دير سان ٿي گذريو ان موقعي تي ٽنڊي الهيار شهر جي واپارين ا ضلعي انتظاميا خلاف زيادتين جون دانهون ڪندي چيو ته انتظاميا دڪاندارن کي حراسان ڪرڻ لاء بنا جواز ڏنڍ جي صورت ۾ ڀتو اوڳاڙي رهي آهي. شٽر بند هڙتال ضلعي انتظاميا جي زيادتين، ڏنڍن جي صورت ۾ ڀتو وٺڻ ۽ اڍنگي روين خلاف ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ٽنڊي الهيار جي ڊي سينور مصطفيٰ لغاري چيو ته هڪ مخصوص ٽولو 3 ڏينهن ڇا ڀلي مهينو هڙتال ڪن ڪو فرق نٿو پوي انهن دڪاندارن تي ڏنڍ پيا هڻون جيڪي سرڪاري لسٽن جي اگهن تي عملدرآمد نه پيا ڪن هن وڌيڪ چيو ته هڪ مخصوص ٽولو ذاتي فائدن لاء انتظاميا کي بليڪ ميلنگ ڪرڻ چاهي ٿي پر اسان بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين: