ٽنڊوالهيار  (اسپورٽس نيوز)  آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽن ڏينهن وارو ٽورنامنٽ ٽنڊوالھيار جي پرويشنل ھاءِ اسڪول ملٽي پرپز ھال ۾ ٿي گذريو. ٽورنامينٽ ۾ پوري پاڪستان مان 25 ٽيمن جن ۾ پنجاب جي علاقي جھنگ، ديرا نواب، لاھور، بلوچستان جي علائقي صحبت پور، سبي، جڏھن ته سنڌ مان ٽنڊوالھيار، ميرپور خاص، بدين، نوابشاهه، دادو سانگھڙ، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين ٽيمن حصو ورتو.  فائل ۾ ٿيٻا ڪلب ۽ سروري ڪلب جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جنھن ۾ ٿيٻا ڪلب ٽنڊوالھيار سروري ڪلب کي 15-9 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.