ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ گرلز باڪسنگ اڪيڊمي جا عهديدار چونڊيا ويا رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن ڪراچي جي صدر اصغر بلوچ جي نگراني ۾ گرلز باڪسنگ اَڪيڊمِي ٽنڊو آدم جا نوان عهديدار صدر فهيم قريشي، جنرل سيڪريٽري سرور علي ڪمانڊو، نائب صدر ميڊم نسرين بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري مس گل، فنانس سيڪريٽري شاهد بلوچ چونڊيا ويا جڏهن ته نون چونڊيل عهديدارن جي مَان ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عطاءُالله بلوچ، جهانگير جمالي، نون چونڊيل عهديدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي گرلز باڪسنگ اڪيڊمي جو افتتاح ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو.