ٽنڊوآدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن هٿان پورهيت قتل، جوابدار فرار، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي نواز ٽائون واري علائقي ۾ ٻن اڻڄاتل ھٿياربند ڦورن پورھيت 45 ورهين جي غلام رسول راجپوت کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب پورهيت سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي سٽي پوليس پهچي زخمي کي تعلقي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، مقتول پورهيت جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، مقتول پورهيت شادي شدھه ۽ مبارڪ ڪالوني جو رھواسي هو جيڪو ڪپڙو تيار ڪندڙ پاور لومز فيڪٽري ۾ مزدوري ڪري گذر سفر ڪندو ھو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.