ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو، واپارين ۽ دڪاندارن پنهنجي مرضي جا اگھه مقرر ڪري ڇڏيا، روزيدار طبقو پريشان، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آھي، واپارين ۽ دڪاندارن فروٽ، ڀاڄين ۽ کاڌي پيتي جي شين جا پنهنجي مرضي جا اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، جڏهن ته انتظاميا فوٽو سيشن تائين محدود آھي، گڏ ڪيل معلومات موجب وڏو گوشت 1000 کان 1200 رپيا ڪلو، ننڍو گوشت 1600 کان 1800 رپيا ڪلو، مڇي 700 رپيا، فارمي مرغي 750 روپيا ڪلو، ڪتل 1100 روپيا في ڪلو، اسٽرابيري 600 رپيا، صوف 300 رپيا، ڪيلا 200 روپيا درزن، ڇانهين، نارنگي 200 رپيا، زيتون 200، پپيتو 200، گدرو 100 رپيا ڪلو وڪرو پيو ٿئي، جڏهن ته ڀينڊي 170 رپيا ڪلو، لوڪي 100 رپيا، مٽر 100 روپيا ڪلو، گوبي 100 رپيا، ڪريلا 100 رپيا، کنڊ 170 رپيا ڪلو، گيھه 460 رپيا، ڪوڪنگ آئل 520 رپيا، چڻن جي دال 320 رپيا، منڱن جي دال 400 رپيا،اٽو 90 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا آھن، جنهن سبب ڀلاري مهيني ۾ غريب پورهيت خاص طور روزيدار سخت پريشان آهي، انتظاميا پاران مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهي کنيا ويا، هتان جي شھرين گهر ڪئي آهي ته سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ سميت وڌيڪ اگھه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.