ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ڀرسان عدالتي حڪم تي دوستن هٿان مبينا قتل ٿيل نوجوان جي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويا، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ڀرسان 20 ڏينهن اڳ ڳوٺ فقير محمد ٿهيم واسي دوستن هٿان مبينا قتل ٿيل 35 ورهين جي صاحبڏنو عرف بابو ٿهيم جي امڙ عنايت خاتون ٿهيم جي درخواست تي سول ڪورٽ ون جي حڪم تي مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ جعفر فقير قبرستان ۾ قبرڪشائي ڪئي وئي، جتي شهيد بينظيرآباد کان آيل پوليس سرجن مظهربلوچ ۽ ان جي ٽيم لاش جا سيمپل وٺي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيا، پوليس موجب نوجوان جا جزا وٺي ڪيميڪل ٽيسٽ لاءِ روهڙي ليبارٽري موڪليا ويندا، جتان رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي اصل حقيقت معلوم ٿي سگهندي، واضح رهي ته 20 ڏينهن اڳ لاش تي تشدد جا نشان هجڻ سبب قتل جو شڪ ڏيکاريندي مقتول جي امڙ عنايت خاتون جي فرياد تي 4 جوابدارن آصف ٿهيم، وقار ٿهيم، شاهجهان ٿهيم ۽ صدام ٿهيم خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.