ٽنڊوآدم ڀرسان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تان نينگري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
18
ٽنڊوآدم ڀرسان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تان نينگري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
ٽنڊوآدم ڀرسان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تان نينگري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ڀرسان نينگري جي سوشل ميڊيا تي تصوير وائرل ٿيڻ جو ٻڌي گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن جو هڪ نوجوان تي تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ جو الزام، رپورٽ موجب ڳوٺ الهيار مري واري علائقي ۾ ثنا روشن ڪالوني ۾ 13 ورهين جي نينگري عروج ڌيءُ جهانگير ڪشميري مبينا طور پاڙيسري پاران سندس تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جو ٻڌي پنهنجي گهر اندر ڪمري ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آپگهات ڪندڙ نينگري جي امڙ سونيا ڪشميري دانهيندي الزام مڙهيو ته پاڙيسري عمران خان کوسو ڌيءُ کي بليڪ ميل ڪندو رهندو هو، جوابدار منهنجي ننڍي ڌيءُ ڪائنات هٿان نياپو موڪليو ته مون عروج جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، اها ڳالھه ٻڌڻ تان نياڻي دلبرداشته ٿي انتهائي قدم کنيو آھي، هن گهر ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.