ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ پ پ جي جوڻيجو ۽ ڏيرو ڌڙن ۾ اختلاف ختم ٿي نه سگهيا، ڌار ڌار اليڪشن آفيسون قائم ڪري چونڊ مهم شروع، جي ڊي اي اميدوار ڀائيٽي جي مقابلي ۾ پنهنجي پارٽي اميدوار جي مدد ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي،  رپورٽ موجب چونڊ سرگرمين ۾ تيزي اچي ناهي سگهي، پ پ جي ٻن ڌڙن ۾ ماضي جيان اختلاف ختم ناهن ٿي سگهيا، پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي روشن جوڻيجو جو پٽ صلاح الدين علاءُ الدين جوڻيجو اين اي 210 تي جڏهن  ته پ پ جي اڳوڻي سينيٽر فدا ڏيرو جو پٽ پارس ڏيرو پي ايس 43 تي پ پ جا اميدوار آھن پر هڪ ئي پارٽي ۾ هوندي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ بدران ڌار ڌار اليڪشن آفيسون کولي چونڊ مهم جي شروعات ڪئي آهي، جنهن سبب پ پ ووٽرن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، هوڏانهن تازو پ پ ڇڏي جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان اين اي 209 تي شازيا مري سامهون چونڊ وڙهندڙ محمد خان جوڻيجو اين اي 210 تي ڀائيٽي خلاف جي ڊي اي جي اميدوار سائرهه وساڻ جي مدد ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آھي، ٽنڊوآدم شهدادپور واري تڪ اين اي 210 تي پ پ اميدوار صلاح الدين جوڻيجو، جي ڊي اي جي سائرهه ڪليم وساڻ، جماعت اسلامي جي ڪامران عزيز غوري، ايم ڪيو ايم جي ذاڪر شيخ ۽ پي ٽي آءِ جي منوچر گجر، پي ايس 43 ٽنڊوآدم تي پ پ جي پارس ڏيرو، جي ڊي اي جي نياز حسين مري، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد عادل، ايم ڪيو ايم جي عمران جگنو، ٽي ايل پي جي حسين شاهه جيلاني ۽ پي ٽي آءِ جي ايوب کوسو ۾ مقابلو آهي، هن وقت تائين ٽنڊو آدم ۾ پ پ ۽ جماعت اسلامي پاران اليڪشن آفيسون قائم ڪيون ويون آھن، ڄاڻايل ٻنهي تڪن تي اصل مقابلو پ پ ۽ جي ڊي اي اميدوارن ۾ ٿيندو.