ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو هڪ ڏينهن اندر ٻن ڳوٺن ۾ ڌار ڌار باھ لڳڻ سبب مجموعي طور 13 پورهيتن جا گهر سڙي ويا ڳوٺ بَشام مري ۾ باھ لڳڻ سبب 10 پورهيتن صادق مري، اصغر خان مري، غلام عباس مري، علي احمد مري، شاھ ولي الله مري، غفار مري، دريا خان مري، جِيئا خان مري، فقيرو مري ۽ ٻين جي گهرن کي اوچتو باھ لڳي وئي جڏهن ته ڳوٺ فقير محمد شاھ ۾ باھ لڳڻ سبب 3 پورهيتن سجاد خاصخيلي، ڀارو باگڙي، انور شيخ جا گھر سڙي ويا جنهن سبب گهرن ۾ پيل بِسترا، ڪَپڙا، اَناج، روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو۔اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.