ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب 5 گهر سڙي رک رپورٽ موجب ڳوٺ لال بخش کوسو ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب 5 پورهيتن ڌنو ڀيل، منجهي ڀيل، ڪيول ڀيل، ريجهو ڀيل ۽ پوڙهو لاشاري جا گهر سڙي رک ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهر ۾ پيل هنڌ، بسترا، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، متاثرن انتظاميا کي سهائتا جي اپيل ڪئي آھي.