ٽنڊوآدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي ۾ مبينا طور ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتين خلاف اينٽي ڪرپشن پاران جاچ شروع، سي ايم او 12 مئي تي رڪارڊ سميت  طلب، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي ۾ مبينا طور ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، غيرقانوني ڀرتين خلاف اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد منير احمد سومرو پاران چيف ميونسپل آفيسر  ميونسپل ڪاميٽي عبدالحميد ملڪ کي 12 مئي تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي، سي ايم او خلاف درخواست ٽنڊوآدم بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شير علي بهڻ پاران داخل ڪرائي وئي آھي، جنهن بعد سي ايم او کي ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سانگهڙ معرفت طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته سالياني بجيٽ، خرچن جا تفصيل، ميونسپل ۾ ڪيل ڀرتين سميت ٻيو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، رابطو ڪرڻ تي درخواستگذار ايڊووڪيٽ شير علي بهڻ ٻڌايو ته ميونسپل عملدارن جي خلاف اينٽي ڪرپشن اختيارين کي درخواست ڏني هئي جنهن تي جاچ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڌرين کي 12 مئي تي اينٽي ڪرپشن پاران رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو آهي.