ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ميونسپل پاران سرڪاري ملڪيتن جي نيلامي تان پ پ جي ٻن گروپن ۾ تڪرار، ميونسپل چيئرمين سان اختلاف، نيلامين تي بي اعتمادي ظاهر، ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ڌار ڌار درخواستون جمع، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي پ پ سان واڳيل چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو پاران ڪيل سرڪاري ملڪيتن جي نيلامين واري مامري تان پارٽي جي ٻن گروپن جا اختلاف ظاهر ٿي پيا آھن، ان ڏس ۾ ميونسپل چيئرمين خلاف سندس ئي پارٽي جي ٻن گروپن امام الدين شوقين ۽ فدا حسين ڏيرو گروپ جي ڪائونسلرن ميونسپل پاران سرڪاري ملڪيتن جي نيلامي سميت ٻين مامرن تي بي اعتمادي جو ظاهر ڪندي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ 2 ڌار ڌار درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، امام الدين شوقين گروپ جي 12 ڪائونسلرن ملڪ امام الدين شوقين جي ڀائيٽي ۽ جنرل ڪائونسلر ملڪ ذوالفقار علي روشن، حاجي انور علي عباسي، راڻا ذوالفقار علي ۽ ٻين ميونسپل چيئرمين سان ملاقات ڪري درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ سرڪاري ملڪيتن جي نيلامي جي طريقه ڪار تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته ملڪيتون من پسندن کي ڏنيون پيون وڃن، محمدي چوڪ تي 5 دڪانن جي جاءِ تي 37 دڪان تعمير ڪرائي 14 ڪروڙ 50 لک وصول ڪيا ويا، ڪائونسل آڏو ان جو حساب پيش ڪيو وڃي، ميونسپل پارڪ ۾ دڪانن جي الاٽمينٽ ۽ نادرا آفيس جي نيلامي غير قانوني آهي، جيڪا ڪائونسل جي مرضي بنا ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته 50 ڪروڙن جا جيڪي ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر ڪرايا ويا اهي به ڪائونسل جي بنا منظوري جي ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته ريسٽ هائوس، پراڻو اسٽيشن ناڪو، جيم خاني، گڏھ گاڏي اسٽاپ ۽ بلديه جي آفيس آڏو دڪانن جي نيلامي ٿيڻ تي شهرين ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي، هنن گهر ڪئي ته انهن مامرن جي حل لاءِ اجلاس طلب ڪيو وڃي، جڏهن ته پ پ جي ڏيرا گروپ جي ڪائونسلرن لالا ايوب خان پٺاڻ، عامر حسين خاصخيلي، امتياز آرائين، دين محمد مري سميت 12 ڪائونسلرن جي صحيحن سان شهري ملڪيتن جي نيلامي تي اعتراض واريندي ميونسپل ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ پڻ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ڪائونسلرن موجب ميونسپل چيئرمين پاران 10 محرم کانپوءِ اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
شهر جا ڪجھه ماڻھو هروڀرو ترقي مان خوش ناهن: مرتضيٰ جوڻيجو
ٽنڊو آدم: ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ درخواست ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ته عاشوري کانپوءِ ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويندو، اسان شھر جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آھيون، اسان جيڪي به ڪم ڪرايون پيا اهي ڪائونسل کان منظوري وٺي ڪرايون پيا، هن چيو ته اسان زبون حال گڏھ گاڏي اسٽاپ کي ڊھرائي اتي هيٺ نئون گڏھ گاڏين جو اسٽاپ برقرار رکنداسين ۽ ان جي مٿان ٻئي اڏاوت ڪنداسين، جنهن سان ميونسپل جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪائونسل کي گڏھ گاڏي اسٽاپ جي نئين تعمير تي اعتراض آھي ۽ اها رٿا ختم ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو، ڪائونسل جي فيصلي کي اهميت ڏيندي ختم ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته ڪجھه ماڻھو هروڀرو ترقي مان خوش ناهن، ان ڪري اشو پيا بڻائين.
|