ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ نوجوان غربت، بيروزگاري ۽ قرض کان تنگ اچي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ميرمحمد وساڻ جي رهواسي 30 ورهين جي نوجوان هيرو پٽ وشرام ڪڇي ڪولهي بيروزگاري ، غربت ۽ قرض کان تنگ اچي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان شادي شده هو ۽ کيس 3 ٻارڙن جو اولاد هو.