ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ۾ سوشل ميڊيا تي تصوير وائرل ٿيڻ تان آپگهات ڪندڙ نينگري وارو مامرو، 2 جوابدارن تي ڪيس داخل، وارثن جو نياڻي کي کنڀي ڏاڍائي ڪرڻ ۽ ويڊيو ٺاهڻ جا الزام، وڪيل پاران ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان، رپورٽ موجب ثنا روشن ڪالوني ۾ 2 ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ دلبرداشته ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪندڙ نينگري عروج ڪشميري واري واقعي جو ڪيس سندس امڙ مسمات سونيا ڪشميري جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار محراب کوسو سميت ٻن ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، پوليس محراب کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيس ۾  فريادڻ ڄاڻايو آهي ته جوابدار محراب کوسو ۽ هڪ نامعلوم منهنجي ڌيءُ کي اسڪول ايندي ويندي تنگ ڪندا رهندا هئا، واقعي واري ڏينهن عروج جڏهن پنهنجي ڀيڻ ڪائنات سان گڏ اسڪول وڃي رهي هئي ته جوابدار کيس زبردستي کنڀي هڪ جاءِ ۾ وڃي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ واقعي جي ويڊيو به ٺاهي، جوابدارن مائٽن سان ڳالھه ڪرڻ تي ويڊيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن تان عروج دلبرداشته ٿي انتهائي قدم کنيو، ٻئي طرف نينگري جي وارثن پاران فيس نه هجڻ واري بيان تي مقامي وڪيل شير علي بهڻ ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.