ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي ثنا روشن ڪالوني ۾ مهينو اڳ سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيڻ تان دلبرداشته ٿي مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪندڙ 13 ورهين جي شاگردياڻي عروج ڪشميري واري ڪيس جو ڪچو چالان بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او سلام الدين سولنگي عدالت ۾ جمع ڪرايو، ڪچي چالان ۾ گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن محراب کوسو، عزيز بگٽي ۽ اسلم عرف بابو بگٽي کي نامزد ڪيو ويو آھي، چالان جمع ڪرڻ وقت گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ آندو ويو، پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل ڪچي چالان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شاگردياڻي عروج ڪشميري زيادتي بعد آپگهات ڪيو، اڃا تائين فائنل ميڊيڪل رپورٽس ناهن آيون، جيئن اهي ملنديون ته ڪيس جو پڪو چالان عدالت ۾ پيش ڪنداسين، جنهن بعد عدالت ٽنهي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو.