ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم جا ٽھل آباد ، وشن آباد ۽ جمن شاهه وارا علائقا هڪ مهيني کان گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ان ڏس ۾  ٽنڊوآدم جي ھنجورن ڍنڍ  تازين برساتن بعد اوور ٽاپ ٿيڻ سبب  جمن شاهه،  ٽھل آباد ۽ وشن آباد علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن سبب گندو  پاڻي ھڪ مھيني کان گھرن ۽ گھٽين ۾ بيٺل آھي، رهواسي گهر خالي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، ٻي طرف پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ خلاف  متاثر عورتن ۽ ٻارن  شمع چانڊيو ، زھره  خاصخيلي، روزينه شيدي، امجد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته اسان جا علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن، کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ڪير مدد ڪرڻ وارو ناهي، واهر ڪئي وڃي.