ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو آئل فيلڊ مان 17 سيڪيورٽي گارڊ برطرف، ملازمن پاران تحريڪ هلائڻ جو اعلان، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ويجهو نعمت بسال آئل فيلڊ مان 17 سيڪيورٽي گارڊن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ برطرف ملازمن اقرار علي، عبدالقيوم، زبير احمد کوسو ۽ عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سرور ابڙو دانهيو ته نعمت بسال فيلڊ ۾ سيڪيورٽي گارڊ ڪمپني پاران مقامي ماڻھن امير خان، زبير احمد کوسو، عبدالڪريم پالاري، گل محمد، سڪندر علي حاجاڻو، قربان علي، عبدالقيوم، راڻا ذوالفقار، اقرار علي، سجاد حسين، عبدالغني، عبدالستار مڪراڻي، اڪرم لنڊ، غلام مصطفيٰ سميت 17 ڄڻن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، هنن ٻڌايو ته برطرف ڪيل ملازمن کي پهرين هتان کان بدلي ڪري ڪوثر آئل فيلڊ مٽياري ۾ رکيو ويو، جتان کين بناجواز گنجائش نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آھي، هنن دانهيو ته برطرف ڪيل ملازمن ۾ ڪجھه ملازمن جي سروس 10 سالن کان وڌيڪ به هئي، هنن دانهيو ته انتظاميا سنڌي ملازمن سان امتيازي سلوڪ ڪندي بنا ڪنهن سبب جي مقامي رهواسين کي نيڪالي ڏني آهي، سندن جاين تي ٻين صوبن جي ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.