ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊومستي لڳ ريلوي اسٽيشن ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ حيات اڄڻ  وٽ  قائم ٿيل پٽڙي جي موري اوچتو ٽٽي پئي جنهن ڪري ڪراچي کان لاهور. لاهور کان ڪراچي ويندڙ   ٽرينن جي  اچ وڃ سخت متاثر ٿي وئي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي  ته پراڻي دور ۾ ٺهيل موري زبون ٿي وئي هئي جيڪا اوچتو ٽٽي پئي  پر وڏي حادثي کان  بچاء ٿي ويو آهي ٻئ طرف موري  جي هڪ پاسي جي کوٽائي ڪري موري کي نئين سر تعمير ڪرڻ وارو ڪم تيزي سان شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريلوي انتظاميا پاران ريل گاڏين کي ٻئي ٽريڪ تان گذاريو پيو وڃي جنهن سبب ريل گاڏيون ڪيترائي ڪلاڪ دير سان منزل طرف روانيون ڪيون ويون جنهن ڪري مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.