آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ لاءِ 18 سال کيڏڻ هڪ اعزاز آهي، نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ شروع کان خواب هو. نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽم سائوٿي ايندڙ مهيني انگلينڊ خلاف هوم گرائونڊ هملٽن ۾ پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏندو. ٽم سائوٿي جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ لاءِ 18 سال کيڏڻ هڪ اعزاز آهي، نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ شروع کان خواب هو.