بلوم فونٽين (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ٽِم سائوٿي جو ٽيسٽ ڪيريئر انگلينڊ خلاف سيريز جي خاتمي سان پڄاڻي تي پهتو. اڱاري ڏينهن نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏني پر سيريز 1-2 تان انگلينڊ جي نالي رهي. انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ جي خاتمي سان ڪيوي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي جو ٽيسٽ ڪيريئر به پڄاڻي تي پهتو. ٽِم سائوٿي انگلينڊ خلاف سيريز کي پنهنجي آخري سيريز قرار ڏنو هو، هن آخري ٽيسٽ ۾ ٻه وڪيٽون ورتيون. سائوٿي 2008ع ۾ انگلينڊ خلاف ئي پنهنجي ٽيسٽ کيڏي هئي، هن 107 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي 391 وڪٽون حاصل ڪيون. 16 ورهين جي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ هن 2245 رنسون پڻ ٺاهيون، ان کانسواءِ هن 161 ون ڊي ۽ 123 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ به ملڪ جي نمائندگي ڪئي.